اِها ته سڀني کي خبر گوگل اسسٽنٽ جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي، پر هاڻي اهو به خبر ملي آهي ته ان کي ڪڏهن رٽائر ڪيو ويندو.
آرٽيفيشل انٽيليجنس (اَي آءِ ) ٽيڪنالاجي سان ليس چيٽ بوٽ جيمنائي جلدي اينڊرائيڊ ڊوائيسز ۾ گوگل اسسٽنٽ جي جاءِ والارڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
گوگل 2025ع جي شروعات ۾ اعلان ڪيو هو ته گوگل اسسٽنٽ کي رٽائر ڪري ان جي جاءِ جيمنائي کي ڏني ويندي.
حقيقت ۾ سڀني واهپيدارن کي هن تبديلي کي اپنائڻ تي مجبور ڪيو ويندو ۽ اينڊرائيڊ فونز، اينڊرائيڊ آٽو، گوگل ٽي وي ۽ ٻين سروسز ۾ گوگل اسسٽنٽ دستياب نه هوندو.
ان ڏس ۾ اينڊرائيڊ اٿارٽي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گوگل اسسٽنٽ کي ڪڏهن رٽائر ڪيو ويندو.
گوگل جي اينڊرائيڊ آٽو سپورٽ فورم ۾ هڪ بينر ميسيج ۾ چيو ويو آهي ته گوگل اسسٽنٽ مارچ 2026 تائين دستياب رهندو.
جيتوڻيڪ حتمي تاريخ واضح ناهي، يعني مارچ 2026 جي ڪهڙي تاريخ تي گوگل اسسٽنٽ رسمي طور رٽائر ڪيو ويندو.
گوگل اسسٽنٽ جي جاءِ جيمنائي کي ڏيڻ گهڻي تعجب جوڳي ڳالهه نه آهي، ڇو ته ڪمپني اڳ ۾ ئي پڪسل 9 سمارٽ فون ۾ جيمنائي کي ڊفالٽ ورچوئل اسسٽنٽ طور ڏنو هو.
گوگل جيمنائي جي واڌ ويجهه لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ايپس ۾ جيمنائي کي وڌ کان وڌ شامل ڪيو پيو وڃي.
جڏهن گوگل پهريون ڀيرو ان حوالي سان اعلان ڪيو هو ته ان وقت ٻڌايو ويو هو ته سال جي آخر تائين ڪيئي موبائل ڊوائيسز تي گوگل اسسٽنٽ تائين پهچ ختم ٿي ويندي يا اهو ايپ اسٽورز ۾ دستياب نه هوندو.
ڪمپني موجب، اسسٽنٽ کي مڪمل طور بند ڪرڻ کان اڳ جيمنائي کي وڌ کان وڌ بهتر ڪيو ويندو ته جيئن واهپيدارن کي گوگل اسسٽنٽ جي کوٽ محسوس نه ٿئي.
گوگل اسسٽنٽ جي خاتمي جو اعلان، ان جاءِ تي ڪهڙو فيچر ايندو؟ ڪمپني ٻڌائي ڇڏيو
You might also like