اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس راجا انعام امين منهاس جي ٻڌڻي دوران طبعيت اوچتو خراب ٿي پئي، جنهن کانپوءِ کيس فوري طور اسپتال نيو ويو.
عدالتي ذريعن موجب جسٽس راجا انعام امين منهاس ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر تي ٻڌل ڊويزن بينچ جي ڪارروائي جاري هئي ته اوچتو جسٽس انعام بيهوش ٿي ڪرسي تي ڪِري پيو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر سميت ٻيا جج به اسپتال پهچي ويا.
ڊاڪٽرن موجب جسٽس راجا انعام امين منهاس جي حالت هاڻ بهتر آهي.
You might also like