اها وسندي، جتي 64 ڏينهن سج نه اڀرندو

آمريڪي رياست الاسڪا ۾ قطبي رات جي شروعات ٿي وئي، جنهن سبب اتي 64 ڏينهن تائين سج لٿل رهندو.
الاسڪا جي اتر وسندي اتقياگوڪ ۾ هن سال جو آخري سج لهي چڪو آهي ۽ آرڪٽڪ سرڪل ۾ قطبي رات (polar night) جي شروعات سبب اهو شهر هاڻ 22 جنوري 2026 تائين سج کي ٻيهر نه ڏسي سگهندو.
زمين جي محور جي جهڪاءَ سبب اتقياگوڪ ۾ ايندڙ 64 ڏينهن تائين سج نه اڀرندو پر الاسڪا جي اها وسندي مڪمل طور اونداهي ۾ نه ٻڏندي ۽ اها ڪجهه ڪلاڪن تائين ”سول ٽوائلائٽ“ جو تجربو ڪندي، جيڪي هلڪي نيري روشني هوندي آهي ۽ عام طور تي فجر کان اڳ نظر ايندي آهي.
جتي اتقياگوڪ ۾ سياري ۾ 60 ڏينهن کان وڌيڪ اونداهي هوندي آهي، اتي گرمين ۾ اهو شهر تقريبن 3 مهينن تائين مڪمل سج جي روشني جو تجربو ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.