تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سيڪيورٽي خدشن سبب پنهنجو ڀارت جو دورو رد ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي راڄڌاني واري نئين دهلي ۾ ٿيل بم ڌماڪن کانپوءِ نيتن ياهو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ڀارت جو دورو ملتوي ڪيو.
رپورٽ موجب، اسرائيلي وزيراعظم هلندڙ سال جي آخر ۾ ڀارت جو دورو ڪرڻو هو، جنهن دوران سندس ڀارتي هم منصب نريندر مودي سميت ٻي قيادت سان ملاقاتون رٿيل هيون.
واضح رهي ته ان کان اڳ به نيتن ياهو سيپٽمبر ۾ هڪ ڏينهن وارو ڀارت جو دورو به رد ڪري ڇڏيو هو، اسرائيلي وزيراعظم آخري ڀيرو سال 2018ع ۾ ڀارت جي دوري تي آيو هو.
You might also like