اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ليجنڊري ٽينس اسٽار اعصام الحق پروفيشنل ٽينس تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اعصام الحق پاڪستان ٽينس فيڊريشن (پي ٽي ايف) جي ڪيمپليڪس ۾ ٿيل ملڪ جي پهرين اي ٽي پي چئلينجز ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب دوران رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
الوداعي خطاب ۾ اعصام الحق پنهنجي شروعاتي ڪيريئر جي چئلينجن کي ياد ڪيو ۽ پنهنجي والدين سميت ڪٽنب جا خاص ٿورا مڃيا، جن جي مسلسل حوصلا افزائي ۽ سپورٽ سندس ڪاميابي جو بنيادي سبب رهي.
هن پنهنجي ڪوچز، مينٽورز، ساٿي رانديگرن ۽ قومي اسپورٽس ميڊيا جو پڻ دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو.
واضح رهي ته اسلام آباد ۾ جاري اي ٽي پي چئلينجز ٽورنامينٽ سندس ڪيريئر جو آخري پروفيشنل مقابلو ثابت ٿيندو.
You might also like