اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام (جي يو آءِ ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 27 هين آئيني ترميم کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته سڀ کان پهرين بنيادي مسئلي کي ڏسڻ گهرجي، هڪ سال اڳ 26 هين آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ آندي وئي، عدليا سان لاڳاپيل 26 هين ترميم اڃا عدالت ۾ آهي ۽ هاڻي نئين ترميم آندي وئي، جي يو آءِ آئيني عدالت جي حق ۾ هئي.
هن چيو ته 27 هين آئيني ترميم نه دستور ۾ بهتري آڻيندي ۽ نه ئي عوامي مفاد کي پورو ڪندي، 27 هين آئيني ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪيو ٿا، حڪومت عدليا کي مڪمل طور تي پنهنجي پَنجن هيٺان رکڻ چاهي ٿي.
مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اسان آئين جي تحفظ جو قسم کنيو آهي، مخالف ۽ هر مڪتبه فڪر کي اعتماد ۾ وٺي آئين ٺاهيو ويو هو، پيپلز پارٽي پڻ جمهوري نظام جي ابتڙ ڪردار ادا ڪيو، پيپلز پارٽي پنهنجي روايتن کي برقرار نه رکيو.
هن چيو ته 27 هين ترميم ۾ اهڙيون پيچيدگيون آهن جيڪي عدالت کي به سمجهه ۾ نه پيون اچن، ترميم پاس ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀني کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، 27 هين ترميم ۾ هڪ تاحيات ڇوٽ ڏني وئي، جنهن تحت آصف علي زرداري تي اڳ ۾ ڪيئي سالن تائين جيل ۾ رکيو ويو هاڻي مٿس تاحيات ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهندو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته 26 هين ترميم گڏيل صلاح مشوري سان اڳتي وڌي ۽ چئي سگهجي ٿو ته اتفاق راءِ سان منظور ٿي، اسان مسلسل چوندا رهياسين ته اهڙي ڪا ترميم منظور نه ٿيڻ گهرجي جيڪا متفقه ٽائٽل متاثر ڪري، 27 هين ترميم ۾ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري هو.
پ پ جهموري نظام جي خلاف ڪردار ادا ڪيو، 27 هين آئيني ترميم مڪمل طور رد ڪيون ٿا: مولانا فضل الرحمان
You might also like