ڪنڌڪوٽ: بارودي مواد ڦاٽڻ سبب مال چاريندڙ 4 ٻار فوت

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ويجهو بخشاپور جي ڳوٺ مرحوم موج علي گولاٽو ۾ بارودي مواد ڦاٽڻ سبب چار ٻار فوت ٿي ويا.
بخشاپور ڀرسان زور ڳڙھه ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، ڳوٺ مرحوم موج علي گولاٽو ۾ زنگيل راڪٽ لانچر جو گولو ڦاٽڻ سبب مار چاريندڙ 4 ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻه ٻار زخمي ٿي پيا.
فوت ۽ زخمي ٻارڙن جو تعلق گولا برادري جي هڪ ئي خاندان سان ٻڌايو پيو وڃي.
اطلاع تي بخشاپور پوليس واقعي تي هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي مڪمل طور سيل ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو .
پوليس موجب ٻارڙا برآمد ٿيل گولي کي ناڪارا سمجهي راند کيڏي رهيا هئا، جنهن دوران اوچتو ڌماڪو ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.