گوهاٽي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا ڀارت خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين 6 وڪيٽن جي نقصان تي 247 رنسون ٺاهي ورتيون.
ڏکڻ آفريقا طرفان ايڊن مارڪرم 38، ريان ريڪلٽن 35، اسٽبس 49، ڪپتان باووما 41، ٽوني ڊي زورزي 28، ملڊر 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته مٿوسامي 25 ۽ ويرين هڪ رنس سان ڪريز تي موجود آهن.
ڀارت طرفان ڪلديپ يادو3، بمرا، سراج ۽ جديجا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته 2 ميچن جي سيريز ۾ ڏکڻ آفريقا کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي.
Next Post
You might also like