شاهزيب خانزاده جي ڊرامي ۾ جسٽس منصور بابت ڊائلاگ وائرل، يوٽيوب تان هٽائڻ تي واهپيدارن سوال اٿاري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽي وي ميزبان شاهزيب خانزاده جي ڊرامي ”ڪيس نمبر 9“ پنهنجي شروعاتي قسطن سان ئي ڏسندڙن جو ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي.
اهو ڊرامو ملڪ جي آفيسن ۽ ادارن ۾ جنسي هراساني ۽ ريپ جهڙن سنگين مسئلن کي نه رڳو موضوع بڻائي ٿو پر قانون ۽ جاچ نظام جي خامين ۽ ڏکيائين کي به ظاهر ڪري ٿو.
ڊرامي جي تازي قسط ۾ شامل هڪ ڊائلاگ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”جسٽس منصور علي شاهه ملڪ جو چيف جسٽس هجي ها جيڪڏهن 26هين آئيني ترميم ڪري ان جو رستو نه روڪيو وڃي ها“.
اها ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان شيئر ڪئي پئي وڃي، جنهن تي واهپيدار مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن.
ڪجهه واهپيدارن نشاندهي ڪئي ته يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪندي ڊرامي جو اهو ڊائلاگ قسط مان ڪڍيو ويو آهي ۽ انهن ان تي سوال به اٿاريا.
واضح رهي ته اهو ڊرامو جيو ٽي وي تي نشر ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ڪهاڻي ريپ جو شڪار ڇوڪري ۽ ان طرفان انصاف جي جنگ وڙهڻ جي چوڌاري گهمي ٿي.
ريپ جو شڪار ڇوڪريءَ جو ڪردار صبا قمر ادا ڪيو آهي، جڏهن ته ريپ ڪندڙ جو ڪردار فيصل قريشي جو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.