ٽي ملڪي سيريز: زمبابوي هٿان سريلنڪا کي 67 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي سيريز جي ٻي ميچ ۾ زمبابوي جي ٽيم سريلنڪا کي 67 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي زمبابوي جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 162 رنسون ٺاهيون، برائن بينيٽ 49، ڪپتان سڪندر رضا 47 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
سريلنڪا طرفان هسارنگا 3، ايشان ملنگا 2، چميرا ۽ ٿيڪشانا 1-1 وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم 20 اوورن ۾ 95 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ڪپتان ڊاسن شناڪا 34، راجاپاڪسا 11 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
زمبابوي طرفان ايوانس 3، نگاراوا 2، ماپوسا، ڪريمر، سڪندر رضا ۽ برل هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته ٽي ملڪي سيريز ۾ 22 نومبر تي پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.