راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دبئي ايئر شو 2025 ۾ جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ ٿري جهاز خاص ڌيان جو مرڪز رهيو ۽ دوست ملڪ سان جي ايف 17 ٿنڊر جي وڪري بابت ايم او يو تي صحيحون ٿي ويون.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فضائيا جو دستو دبئي ايئر شو 2025 ۾ شرڪت لاءِ يو اي اي ۾ موجود آهي، ايئر شو دوران جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ ٿري جهاز خاص ڌيان جو مرڪز رهيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته معرڪه حق ۾ ڪارڪردگي جي ايف 17 ٿنڊر کي اعتماد جوڳي ويڙهاڪ جهاز طور اُڀاريو ۽ مختلف ملڪن ان ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب هڪ دوست ملڪ سان جي ايف 17 ٿنڊر جي وڪري بابت ايم او يو تي صحيحون به ٿيون، جيڪا پاڪستان جي وڌندڙ دفاعي ۽ صنعتي سهڪار ۾ هڪ اهم ڪاميابي آهي.
آءِ ايس پي آر چيو ته اهو معاهدو جهاز جي عالمي مقبوليت تي مستقل عالمي اعتماد جو اظهار آهي.
You might also like