ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ دل جي مرضن بابت قومي اداري (اين آءِ سي وي ڊي) ۾ نوجوان جي دل جو 16 ڪلاڪ ڊگهو آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو.
پڌرائيءَ موجب پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ”ٽوٽل آرچ ريپليسمينٽ ود فروزن ايليفينٽ ٽرنڪ ٽيڪنيڪ“ سان اها سرجري انجام ڏني وئي.
ان لاءِ ترڪيه جي سرجن اورسي ڪزل ٽيپي کي خاص دعوت ڏني وئي، هن اين آءِ سي وي ڊي جي ماهرن سان گڏ آپريشن مڪمل ڪيو، خيرپور سان واسطو رکندڙ نوجوان تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهيو آهي.
پڌرائيءَ موجب 60 لک رپين جي لاڳت جي اها سرجري سنڌ حڪومت جي مدد سان مڪمل طور ڪنهن به خرچ بنا انجام ڏني وئي.
You might also like