اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ پوليس اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ دوران پڙهيل پاڪستان مخالف ترانن خطي ۾ ڳڻتيءَ جي لهر ڊوڙائي ڇڏي.
رپورٽن موجب تقريب دوران پڙهيل ترانن ۾ اسلام آباد کي باهه لڳائڻ ۽ لاهور ۾ جهنڊا لڳائڻ جهڙا شعر شامل هئا.
تقريب ۾ پاڪستان خلاف چڙ ڏياريندڙ ٻولي استعمال ڪئي وئي، جنهن سفارتي حلقن ۾ سوال اٿاري ڇڏيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان جي وزير نورالله نوري 7 نومبر تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ حملن جي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن کانپوءِ اهو واقعو سامهون آيو.
هوڏانهن طالبان انٽيليجنس سان جڙيل ڊجيٽل ميڊيا اڪائونٽ به ڪيترائي ڀيرا اسلام آباد تي آپگهاتي حملن جون ڌمڪيون ڏئي چڪا آهن.
سيڪيورٽي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙن واقعن سان پاڪ – افغان لاڳاپا وڌيڪ بگڙي سگهن ٿا ۽ دهشتگردي جا خطرا وڌڻ جو امڪان آهي.
You might also like