”اسان ته ويچارا هونئن به ائين ئي ويٺا آهيون هتي“: جسٽس منصور جا دلچسپ ريمارڪس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت بابت سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه دلچسپ ريمارڪس ڏنا آهن.
هن اهي ريمارڪس لائيو اسٽاڪ پنجاب سان سلهاڙيل ڊاڪٽر اعظم علي جي ترقي بابت ڪيس ۾ ڏنا.
جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار وڪيل موقف اختيار ڪيو ته منهنجي اصيل کي نظرانداز ڪري جونيئر آفيسرن کي ترقي ڏني وئي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو اسان کي دستاويزن سان ڏيکاريو ته جونيئرن کي ترقي ڏني وئي ۽ توهان جي اصيل کي نظرانداز ڪيو ويو.
هن ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪو ڏکيو سوال آهي ته اسان وفاقي آئيني عدالت موڪلي ٿا ڇڏيون، اسان ته ويچارا هونئن به ائين ئي ويٺا آهيون هتي.
جسٽس منصور علي شاهه جي ريمارڪس تي عدالت ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا، عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.