27هين ترميم تي ردعمل ڏنو وڃي: سينيئر وڪيلن ۽ رٽائرڊ ججن جو چيف جسٽس کي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر وڪيلن ۽ رٽائرڊ ججن چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي 27هين آئيني ترميم تي فل ڪورٽ ميٽنگ گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
وڪيل فيصل صديقي طرفان لکيل خط تي جسٽس (ر) مشير عالم، جسٽس (ر) نديم اختر، مخدوم علي خان، منير اي ملڪ، عابد زبيري، اڪرم شيخ، انور منصور، علي احمد ڪرد، خواجا احمد حسين ۽ صلاح الدين احمد جون صحيحون آهن.
خط ۾ سينيئر وڪيلن ۽ رٽائرڊ ججن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ترميمن تي پنهنجو ان پٽ ڏيڻ جو اختيار رکي ٿي، غير معمولي حالتن ۾ اهو خط لکي رهيا آهيون.
خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي قيام کانپوءِ اڄ سڀ کان وڏي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي، ڪا سول يا فوجي حڪومت سپريم ڪورٽ کي پنهنجو ماتحت ادارو بڻائڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي، ماضي ۾ اهڙي ڪا ڪوشش به نه ٿي، جيڪڏهن توهان متفق آهيو ته پهرين ڪوشش اها آهي ته ردعمل ڏيڻ سپريم ڪورٽ جو حق آهي، سپريم ڪورٽ طور ترميم تي ردعمل ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.