ڪراچي: هيوي ٽريفڪ تي پابندي، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ملير هالٽ کان سپر هاءِ وي روڊ هيوي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، ڪمشنر جي منظوري سان پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
ڪراچي جي ڪمشنر ملير هالٽ کان سپر هاءِ وي تائين ٻه طرفي روڊ کي هيوي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب هيوي ٽريفڪ سبب قائد آباد کان ملير هالٽ ۽ ملير هالٽ کان سپر هاءِ وي تائين بدترين ٽريفڪ جام رهندي هئي.
گڏوگڏ هدايت ڪئي وئي آهي ته هيوي ٽريفڪ سسئي ٽول پلازا ڪاٺوڙ کان ايم نائن سپر هاءِ وي استعمال ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.