پروٽيز کي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، پاڪستان آخري ون ڊي ۽ سيريز جو فاتح

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 7 وڪيٽن تان هارائي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ پروٽيز ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ سڄي ٽيم 37.5 اوورن ۾ 143 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڊي ڪاڪ 53 ۽ پريٽوريس 39 رنسن سان اڳڀرا رهيا، برٽزڪي ۽ پيٽر ترتيب وار 16-16 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
پاڪستان طرفان ابرار احمد 4، شاهين آفريدي، سلمان آغا ۽ محمد نواز 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ پاڪستان گهربل هدف 26هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
صائم ايوب 77 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، محمد رضوان 32، بابر اعظم 27 رنسون ٺاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.