عوام جي سهولت لاءِ ڪا به قانون سازي نه پئي ٿئي:مفتاح اسماعيل

دبئي(ڪامران خان)ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير  مفتاح اسماعيل چيو آهي ته 2010۾ جڏهن اين ايف سي ايوارڊ ٿيو، وفاق پنهنجي ڪُل آمدني مان لڳ ڀڳ 58 سيڪڙو فنڊ صوبن کي ڏيڻ شروع ڪيا۔ نتيجو اهو ٿيو ته وفاق وٽ خرچن لاءِ پئسا نه رهيا، ۽ هر سال قرض وٺڻو پيو،هن وڌيڪ چيو  ته  وفاق جو خسارو هاڻي 8 هزار ارب رُپيا کان وڌي ويو آهي،صوبن کي 10 هزار ارب رپيا ڏيڻ باوجود نه تعليم بهتر ٿي، نه صحت۔سندن ڪارڪردگي ٻڙي آهي، ۽ وفاق قرضن ۾ ٻڏي ويو آهي،هن چيو ته معذرت سان ارڙهين ترميم ٿيڻ مهل ان وقت جنرل اشفاق ڪياني به اڳتي جو نه سوچيو،مان هن کي به ذميوار ڪوٺيندس،اين ايف سي ايوارڊ ايترو ضروري آهي ته پوءِ صوبائي فنانس ڪميشن به قائم ڪريو،فنڊ هيٺين سطح تي منتقل نه ٿيا،ارڙهين ترميم جا جيڪي به فائدا آهن اهي حڪمران طبقن کي ٿي رهيا آهن،پر اڳتي عوام کي ڪجهه به نه پيو ملي،هن چيو ته مان توهان کي ٻڌايان ته آرٽيڪل 243 ۽ عدالتي نظام ۾ به تبديليون اچي وينديون پر عوام جي بهتري لاءِ ڪجهه نه ٿيندو،صوبن کي حد کان وڌيڪ فنڊ ڏئي توهان ڪرپشن کي هوا ڏئي رهيا آهيو،هن چيو ته پاڪستان جي معاشي بدحالي جو سبب ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ آهي،پ پ باقي ترميمن تي بارگيننگ ڪري انهن ٻنهي ترميمن کي بچائي ويندي ۽ پوءِ عوام کي چوندي ته اسان سنڌ جي مفادن تي سودو نه ڪيو،هن چيو ته پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس لڳائيندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي، پر نتيجو “غربت ۽ بيروزگاري” ۾ اضافو آهي،وفاق وٽ جڏهن ڪجهه بچندو ئي ناهي ته معيشت کي ڪيئن وڌايو وڃي؟

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 08 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.