روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي بلوچستان صوبي ۾ قديمي آثارن واري هنڌان چوري ٿيل قديمي نوادرات پاڪستان کي واپس ڪري ڇڏيا، اهي نوادرات تقريبن 5 هزار سال پراڻا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب اٽلي جي تخت گاهه روم ۾ پاڪستاني سفارتخاني ان اڳڀرائي کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهترين ٻه طرفي سهڪار جو مثال قرار ڏنو.
سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي نوادرات 30 آڪٽوبر 2025 تي روم کان پاڪستان پهچايا ويا.
ان کان اڳ اپريل ۾ 7 ٻيا قديمي نوادرات به اطالوي اختيارين برآمد ڪري ميلان ۾ پاڪستان جي قونصليٽ جنرل حوالي ڪيا هئا.
پاڪستاني سفارتخاني جي بيان موجب چوري ۽ سمگل ٿيل نوادرات جي واپسي ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ مثالي سهڪار جي علامت آهي، جيڪي پاڻ قديمي تهذيبون ۽ يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي جا مرڪز رکندڙ آهن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گذريل 18 ورهين ۾ تقريبن 100 قيمتي نوادرات اٽلي مان برآمد ڪري پاڪستان حوالي ڪيا ويا آهن، اهي قدم ٻنهي ملڪن جي ثقافتي ورثي جي تحفظ جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا.