ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ نيو يارڪ ۾ 34 ورهين جي مسلمان ظهران ممداني کي ميئر چونڊيو ويو آهي، ڪراچي کان شروع ٿيندڙ تبديلي جي لهر نيو يارڪ تائين پهچي وئي آهي.
دي فيوچر سمٽ 2025 کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه سال اڳ ڪراچي به هڪ نوجوان ميئر مرتضيٰ وهاب کي چونڊيو هو، اڄ نيو يارڪ ۾ به نوجوان ميئر چونڊيو ويو آهي، ڪراچي نوجوان قيادت کي موقعو ڏنو، هاڻ نيو يارڪ ۾ به تبديلي آئي آهي.
هن چيو ته نوجوان قيادت ئي مستقبل جي ضمانت آهي، تبديلي جي شروعات ڪراچي کان ٿي هئي، سڄي دنيا پنهنجي ترقياتي ماڊلز ۽ ترجيحن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، رابطن ۾ واڌ سان ئي ترقي جا دَڳ کُلندا آهن، ڪاروباري سرگرمين لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏئي رهي آهي.
ڪراچي نوجوان ميئر کي چونڊي تبديلي آندي، جيڪا نيو يارڪ تائين پهچي وئي: مراد علي شاهه
You might also like