ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته 18هين ترميم صوبن جي دلين جي ويجهو آهي ۽ ان تي ڪڏهن به سوديبازي نٿي ٿي سگهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته گهڻي عرصي کان 27هين ترميم جي حوالي سان اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن پر هاڻ حڪومت باقاعدي پ پ سان 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان رابطو ڪيو آهي ۽ حمايت گهري آهي.
هن چيو ته صوبن جي اختيارن تي پ پ اتفاق راءِ پيدا ڪيو، 18هين ترميم ۾ صوبن جي اختيارن کان پوئتي هٽڻ مناسب به ناهي ۽ ممڪن به نه هوندو، 18هين ترميم صوبن جي دلين جي ويجهو آهي، ان تي ڪڏهن سوديبازي نٿي ٿي سگهي.
سندس چوڻ هو ته 27هين ترميم جي حوالي سان حڪومت جي پرپوزل کي پ پ جي سي اي سي ڪميٽي ۾ رکيو ويندو ۽ سي اي سي ۾ فيصلا ڪيا ويندا.
شازيا مري چيو ته ن ليگ سان عوامي ايشوز تي ڳالهائينداسين، 27هين آئيني ترميم کي عوامي اعتبار سان به ڏٺو ويندو، پ پ هر معاملو اصولي موقف تي ڏسندي، جيڪڏهن حڪومت ڪنهن ڳالهه تي متفق آهي ۽ اسان کي متفق ڪرڻ چاهي ٿي ته ان تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.
You might also like