ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت نئين اجرڪ واري نمبر پليٽ لاءِ وڌيڪ ٻن مهينن جي مهلت ڏئي ڇڏي.
سنڌ حڪومت طرفان شهرين کي نئين اجرڪ واري نمبر پليٽ لڳرائڻ لاءِ وڌيڪ ٻن مهينن جي مهلت ڏني وئي آهي.
حڪومت جي هدايت تي ايڪسائز کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب شهرين کي 31 ڊسمبر تائين ڇوٽ ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ به حڪومت شهرين جي سهولت لاءِ ڊيڊ لائن ۾ 31 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي هئي.
You might also like