سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي خواهشمند شهرين لاءِ وڏي خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نادرا جي سڀ کان وڏي ميگا سينٽر لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.
ٽي ايم سي سان معاهدي تحت نادرا گلبرگ ٽائون ۾ ميگا سينٽر قائم ڪندو، ايم او يو تي ڊي جي نادرا سنڌ عامر علي خان صحيحون ڪيون.
ميگا سينٽر هفتي ۾ 6 ڏينهن 24 ئي ڪلاڪ خدمتون فراهم ڪندو، پاسپورٽ، ٿيليسيميا ٽيسٽ، هٿيارن جي لائسنس ۽ پيرسن شهرين لاءِ الڳ ڪائونٽر هوندا.
سينٽرل ڊسٽرڪٽ جي نادرا زونل آفيس به ان ئي عمارت ۾ ٺاهي ويندي، عائشا منزل، سخي حسن، نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، ايف بي ايريا، لياقت آباد جا شهري فائدو حاصل ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.