شيخ صالح الفوزان سعودي عرب جو مفتي اعظم مقرر

رياض (ويب ڊيسڪ) حرمين شريفين جي خادم شاهه سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي تجويز تي شيخ صالح الفوزان کي سعودي عرب جو مفتي اعظم مقرر ڪري ڇڏيو.
سعودي ميڊيا موجب شيخ صالح کي سينيئر علما ڪائونسل جو سربراهه به مقرر ڪيو ويو آهي ۽ سندس درجو هڪ وزير جي برابر هوندو.
واضح رهي ته شيخ صالح الفوزان کي اڳوڻي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز آل الشيخ جي لاڏاڻي کانپوءِ ان عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.