176 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بال، ڇا اسٽارڪ شعيب اختر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو؟

پرٿ (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ پرٿ ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ دوران شوقين ان وقت دنگ رهجي ويا، جڏهن اسڪرين تي آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ جي بال جي رفتار 176.5 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ظاهر ٿي.
اهو منظر ايترو حيران ڪندڙ هو جو ڪيترن ئي مداحن سمجهيو ته شايد اسٽارڪ پاڪستاني فاسٽ بالر شعيب اختر جي تيز ترين بال 161.3 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.
پر جلد ئي اهو واضح ٿي ويو ته اها نشرياتي نظام جي غلطي هئي، ٻئي ذريعي موجب اسٽارڪ جي بال جي اصل رفتار 140.8 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ هئي، جيڪا ان جي سراسري رفتار موجب آهي.
توڙي جو اها رڳو ٽيڪنيڪي غلطي هئي پر ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ اهو لمحو يادگار بڻجي ويو ۽ ڪجهه ئي منٽن ۾ اها پوسٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.