اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته افغان سرزمين تان پاڪستان خلاف دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ قدم ضروري آهن.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته دوحا ۾ ٿيل معاهدي جي آجيان ڪيون ٿا، اهو پهريون هاڪاري قدم آهي، اسان ڀائر ملڪن قطر ۽ ترڪيه جي تعميري ڪردار کي ساراهيون ٿا ۽ ترڪيه ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٺوس ۽ تصديق جوڳي مانيٽرنگ مڪينزم جي قيام تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
هن چيو ته افغان سرزمين تان پاڪستان خلاف دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ قدم ضروري آهن، وڌيڪ جاني نقصان کان بچڻ لاءِ سمورن امڪاني قدمن تي عملدرآمد اڻٽر آهي.
”جنگبندي معاهدو سٺو سنئوڻ، افغان سرزمين تان دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ قدم ضروري آهن“
You might also like