”مذهب جي آڙ ۾ هٿياربند جٿا ٺاهي عوام کي يرغمال بڻائڻ اصل ۾ مذهب جي توهين آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان جي معاشري کي يرغمال بڻائڻ، مذهب جي نالي تي تشدد جو سبق پڙهائڻ بند ٿيڻ گهرجي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته مذهب جي نالي تي هٿياربند جٿا ٺاهڻ، روڊ بند ڪري عوام کي يرغمال بڻائڻ حقيقت ۾ مذهب جي توهين آهي.
هن چيو ته گذريل ٻن سالن کان غزا ۾ ظلم ۽ رند جي راند جاري هئي پر ان وقت ڪنهن کي احتجاج ياد نه آيو، جنگبندي ٿي ته احتجاج شروع ڪيو ويو، اسان جي معاشري کي يرغمال بڻائڻ ۽ مذهب جي نالي تي تشدد جو سبق پڙهائڻ بند ٿيڻ گهرجي، اسان جو دين، قرآن ۽ سنت به ڀائيچاري، محبت ۽ امن جو درس ڏين ٿا.
خواجا آصف عوام کي اپيل ڪئي ته نفرت ۽ ورهاست کي ختم ڪيو ته جيئن دنيا ۽ آخرت ٻئي سنواري سگهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.