پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد مبينا طور اغوا، ڪيس داخل

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ صنم جاويد کي مبينا طور پشاور مان اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي هدايت تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
صنم جاويد جي مبينا اغوا جو ڪيس پشاور جي اوڀر ٿاڻي ۾ ايڊووڪيٽ حرا بابر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 6 آڪٽوبر جي رات اٽڪل 10 لڳي 40 منٽن تي صنم جاويد کي سول آفيسرز ميس پشاور ڪينٽ ڀرسان حراست ۾ ورتو ويو.
متن موجب سائي رنگ جي گاڏي صنم جاويد جي گاڏي کي روڪيو، جڏهن ته پويان هڪ اڇي رنگ جي گاڏي رستو بند ڪري ڇڏيو، گاڏين مان نڪتل 5 ماڻهو صنم جاويد کي زبردستي گاڏي ۾ ويهاري ريڊ زون ڏانهن وٺي ويا.
پوليس اختيارين موجب ايف آءِ آر تي مڪمل انڪوائري ڪئي ويندي، اڻڄاتل ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري کين قانون موجب سزا ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.