”عظميٰ بخاري روزي حلال ڪندي ڪندي ماسي مصيبت بڻجي وئي آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر قرت العين مري چيو آهي ته عظميٰ بخاري روزي حلال ڪندي ڪندي ماسي مصيبت بڻجي وئي آهي.
پنجاب حڪومت جي ترجمان عظميٰ بخاري جي بيان تي ردعمل ڏيندي قرت العين مري چيو ته جڏهن به پ پ ٻوڏ متاثرن جي ڳالهه ڪري ٿي ته ن ليگ ان کي پنجاب تي حملو ڇو ٿي سمجهي؟ پنجاب ٻڏل آهي ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان کي سنڌ فوبيا ٿيو آهي، ن ليگ جو سنڌ خلاف جنگ جو اعلان هڪ خطرناڪ روايت آهي، جنهن جا نتيجا ملڪ لاءِ سٺا نه هوندا.
هن چيو ته صوبائيت جو ڪارڊ کيڏي عظميٰ بخاري جي باس پنهنجي پارٽي کي لساني بڻائي ڇڏيو، ظاهري طور لڳي ٿو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کان شهباز شريف جي ڪاميابي هضم نه پئي ٿئي، تنهن ڪري مريم نواز پ پ کي نشاني تي رکيو آهي ته جيئن وفاق ڪمزور ٿئي.
سندس چوڻ هو جاتي امرا ۾ نريندر مودي سان ملاقاتون ڪندڙ بلاول ڀٽو جي پرڏيهي معاملن تي سوال اٿاريندي سٺا نٿا لڳن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.