ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڀومي پڊنيڪر چمڙي جي بيماري ”ايگزيما“ ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
اداڪارا تازو انسٽاگرام اسٽوري تي مداحن کي ٻڌايو ته ننڍپڻ کان ايگزيما جو شڪار آهن پر 3 سال اڳ ئي ان بيماري جي باقاعدي سڃاڻپ ٿي آهي.
هن چيو ته اهو مسئلو گهڻو سفر ڪرڻ، غير متوازن غزا ۽ ذهني دٻاءَ سبب وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي، جڏهن به مان سفر ڪندي آهيان يا منهنجي ڊائيٽ صحيح ناهي هوندي ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار هوندي آهيان ته ايگزيما وڌي ويندو آهي، اهو تڪليف ڏيندڙ آهي.
واضح رهي ته ايگزيما هڪ عام چمڙي جي بيماري آهي، جيڪا چمڙي تي خشڪي، خارش ۽ نشانن جو سبب بڻجندي آهي.
You might also like