ٽرمپ اسرائيل کي لغام نه ڏئي سگهيو، غزا تي بمباري جاري

غزا (ويب ڊيسڪ) حماس طرفان جنگبندي جو معاهدو قبول ڪرڻ کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بمباري روڪڻ جي اپيل باوجود غزا جي شهري دفاع ايجنسي موجب اسرائيل غزا شهر تي ڪيترائي فضائي حملا ۽ گولاباري ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب شهري دفاع ايجنسي جي ترجمان محمود بصل ڇنڇر تي چيو ته گذريل رات پرتشدد هئي، جنهن ۾ غزا شهر ۽ ٻين علائقن تي اسرائيلي فوج ڪيترائي فضائي حملا ۽ توپ خاني سان گولاباري ڪئي، توڙي جو صدر ٽرمپ بمباري روڪڻ جي اپيل ڪئي هئي، بمباري ۾ 20 گهر تباهه ٿيا.
هوڏانهن اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته اهي غزا شهر ۾ پنهنجا حملا جاري رکندا، اتان جا رهواسي علائقي ۾ واپس نه اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.