سامونڊي طوفان ”شڪتي“ شدت اختيار ڪري ورتي، اڄ برسات جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ طوفان ”شڪتي“ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ورتي آهي، طوفان هن وقت ڪراچي جي ڏکڻ اولهه ۾ اٽڪل 390 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود آهي.
موسميات کاتي موجب اڄ سنڌ جي سامونڊي ضلعن ۾ آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي کان وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ طوفان وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ کانپوءِ هوريان هوريان ڪمزور ٿيڻ جو امڪان آهي، مهاڻن کي 5 آڪٽوبر تائين اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ 40 کان 55 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته سائيڪلون جي مرڪز ڀرسان هوائن جي رفتار 110 کان 125 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين به وڌي سگهي ٿي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ 36 ڪلاڪن تائين سمنڊ جي حالت انتهائي خراب ۽ خطرناڪ رهڻ جو خدشو آهي، تنهن ڪري لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.