ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اي چالان تي عملدرآمد شروع ٿيڻ کانپوءِ سڄي شهر مان ٽريفڪ پوليس جا ناڪا ختم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ سيڪشنز مان چالان مشينون به جمع ڪيون ويون آهن ۽ ٽريفڪ پوليس کي بائيڪ لفٽنگ کان به روڪيو ويو آهي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته بنا لائسنس جي موٽر سائيڪل هلائڻ تي 20 هزار رپيا ڏنڊ هوندو.
ڪراچي ۾ اي چالان تي عملدرآمد شروع ٿيڻ کانپوءِ پهرين آڪٽوبر کان ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي چالان ڪرڻ کان روڪيو ويو هو.
آءِ جي سنڌ جي فيصلي تي ڊي آءِ جي ٽريفڪ سڄي شهر مان ٽريفڪ پوليس جا ناڪا ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ حڪم ڏنو آهي ته اي چالان جي پريڪٽس لاءِ ڪو ٽريفڪ اهلڪار ڪنهن به گاڏي کي نٿو روڪي سگهي، سڄي شهر جي ٽريفڪ سيڪشنز مان چالان مشينون جمع ڪيون ويون آهن.
ٽريفڪ پوليس کي بائيڪن جي لفٽنگ کان به روڪيو ويو آهي، هاڻ ٽريفڪ پوليس رڳو ٽريفڪ ۾ خلل بڻجندڙ گاڏيون لفٽ ڪري سگهندي ۽ رڳو ٽريفڪ جي رواني لاءِ مقرر رهندي.
هوڏانهن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته بنا ڊرائيونگ لائسنس جي موٽر سائيڪل هلائڻ تي 20 هزار، ڪار تي 30 هزار ۽ وڏي گاڏي تي 50 هزار رپين جو چالان ٿيندو.
ڪراچي ۾ اي چالان لاڳو، ناڪا ختم، بنا لائسنس ڊرائيونگ تي گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار ڏنڊ هوندو
You might also like