نيتن ياهو ۽ ان جي خاندان کي ميزائل سان ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي نٿو ڏسڻ چاهيان: چليءَ جو صدر

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) چلي جي صدر گيبريل بورڪ گڏيل قومن ۾ غزا جي انساني بحران تي ڳالهائيندي چيو آهي ته مان اسرائيلي وزيراعظم کي پنهنجي خاندان سوڌو ميزائل سان ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي نٿو ڏيڻ چاهيان.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چلي جي صدر چيو ته گڏيل قومن جي قيام کي 80 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن، 1945 کانپوءِ دنيا تمام گهڻي تبديل ٿي چڪي آهي پر پوءِ به ڪجهه شيون جيئن جو تيئن آهن.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن عالمي برادري تي ٻٽي معيار جو الزام لڳي ويندو آهي، اسان پنهنجي مخالفتن جي مذمت ڪندا آهيون، پر جڏهن ڪو مبينا دوست گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي ته اکيون ٻوٽي ڇڏيندا آهيون يا شڪ ظاهر ڪندا آهيون، ان باوجود غزا ۾ شهيد ڪيا ويندڙ فلسطيني نوجوان ۽ افغانستان ۾ اسڪول مان ڪڍيون ويندڙ عورتون سڀ کان وڌ انسان آهن، سڀني قومن کي انهن جي حق ۾ آواز اٿارڻ گهرجي.
پنهنجي زبردست تقرير ۾ هن چيو ته مان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي پنهنجي خاندان سوڌو ميزائل سان ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي نٿو ڏسڻ چاهيان، نيتن ياهو ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي جي ذميوارن کي عالمي فوجداري عدالت جي ڪٽهڙي ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.