سنڌ حڪومت سڀاڻي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي جي 14 ضلعن ۾ مڪاني ضمني چونڊن جي موقعي تي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت لاڳاپيل تڪن ۾ اسڪولن جي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب مڪاني ضمني چونڊن وارن تڪن ۾ 24 سيپٽمبر تي موڪل هوندي.
هوڏانهن سنڌ جي 14 ضلعن جي 28 سيٽن تي ضلعي چونڊن کي ڏسندي تعليم کاتي ضلعي تعليمي آفيسرن ۽ ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ اسڪولز کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته مڪاني ضمني چونڊن وارن ضلعن ۾ اسڪولن ۾ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وڃن.
نوٽيفڪيشن موجب گهوٽڪي، سکر، خيرپور، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٽياري، حيدرآباد، ڄامشوري، دادو، بدين ۽ ٺٽي ۾ موڪل هوندي.
ان کانسواءِ ڪراچي اوڀر، ڪراچي اولهه ۽ ڪياماڙي ضلعي ۾ به 24 سيپٽمبر اربع تي اسڪول، سرڪاري ۽ ٻيا ڪاروباري ادارا بند رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.