سوشل ميڊيا اڪائونٽ جي جاچ، عمران خان جو ٽيم سان ملڻ کان انڪار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ جي هينڊلر بابت نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي جي جاچ جاري آهي.
ذريعن موجب عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ جي حوالي سان جاچ لاءِ اين سي سي آءِ اي ٽيم ٻيو ڀيرو اڊيالا جيل پهتي، جڏهن ته عمران خان ٽيم سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم پوڻا ٻه ڪلاڪ عمران خان کان سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ لاءِ جيل ۾ موجود رهي، ٻه ڏينهن اڳ به اين سي سي آءِ اي ٽيم عمران خان کان شروعاتي پچا ڳاڇا ڪئي هئي.
ذريعن موجب 3 رڪني ٽيم جي سربراهي ايڊيشنل ڊائريڪٽر اياز خان ڪري رهيو هو پر عمران خان اڄ به جاچ ٽيم سان سهڪار نه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.