اسلام آباد (اعزاز سيد/آصف بشير چوڌري) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي به تنقيد ٿي رهي آهي، چيو پيو وڃي ته ٽيم تيار نه هئي ۽ غيرپيشوراڻا فيصلا ان جي ڪمزوري جو سبب بڻيا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ پروفيشنل ماڻهن کي آڻڻ گهرجي ته جيئن قومي ٽيم کي سائنٽيفڪ ۽ جديد طريقي سان ترتيب ڏئي سگهجي. محسن نقوي ڪرڪيٽ نٿو سنڀالي سگهي ته ٻئي ڪنهن کي موقعو ڏئي. اڳوڻي مسلم ليگ ن جي ايم اين اي ۽ دفاعي پيداوار واري اڳوڻي پارلياماني سيڪريٽري عائشا رجب بلوچ، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي سخت بيان جاري ڪيو. هن لکيو ته وزير اعظم کي گذارش آهي ته اوهان ماڻهن کي وزير انسان بڻجڻ لاءِ بڻايو ٿا فرعون بڻجڻ لاءِ؟ ان کان پوءِ هن ٻڌايو ته کيس هن بيان کانپوءِ ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هن وري ٽوئيٽ ڪيو ته ان شخص جي اها به خاصيت آهي ته ڪوڙا قسم کڻي ٿو. عائشا رجب بلوچ کليل طور اهو ظاهر نه ڪيو ته سندس تنقيد ڪنهن وفاقي وزير تي آهي، پر اشارن ۾ وفاقي سطح جي شخصيت ڏانهن نشاندهي ڪئي. هن ٻڌايو ته سندس اندر هڪ طوفان آهي جيڪو وقت ايندي ظاهر ڪندي.