ملير واسين ۽ سماجي ڪارڪنن پاران ”شاهراهه ڀٽو“ ختم ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملير جي رهواسين، سماجي ڪارڪنن ۽ وڪيلن سنڌ حڪومت جي ميگا منصوبي ”شاهراهه ڀٽو“ (اڳوڻي ملير ايڪسپريس وي) کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظيم دهڪان، صديق، احمد شبر، ورثا پيرزادو، عبيرا اشفاق، ياسر حسين ۽ ماسٽر اسلم سميت ٻين چيو ته اهو منصوبو ملير نديءَ جي هيٺان ۽ فلڊ پلين تي تعمير ٿي رهيو آهي، جيڪو هزارين ماڻهن جي بي دخلي، زرخيز زمين جي تباهي ۽ ماحولياتي خطرن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيو آهي.
هنن چيو ته 39 ڪلو ميٽر ڊگهو منصوبو ماحولياتي ۽ سماجي تباهڪاريءَ جي خدشن سبب اڳ ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، پر حڪومت عوامي خدشن کي نظرانداز ڪري رهي آهي، تازين برساتن ۾ ڄام ڳوٺ ڊيم وٽ منصوبي جو حصو وهي ويو آهي، جيڪو حڪومت جي غفلت جو ثبوت آهي، جڏهن ته زمين جي حصول ۽ آبادڪاريءَ جو منصوبو به اڃا تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي.
پريس ڪانفرنس پاڪستان ماحولياتي تحفظ موومنٽ، سنڌ انڊيجينس رائٽس الائنس ۽ گرين چيمبر – ڪلائميٽ ايڪشن سينٽر پاران گڏيل طور تي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته منصوبو فوري طور تي روڪيو وڃي، نئون ماحولياتي جائزو (EIA) تيار ڪيو وڃي، خرچ ٿيندڙ رقم جي مڪمل آڊٽ ۽ احتساب ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.