ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سروائيڪل ڪينسر کان بچاءَ جي ويڪسين جي قومي مهم کي وڏو قدم قرار ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان جي پهرين ايڇ پي وي ويڪسين مهم جي شروعات ٿي وئي آهي، آصفه ڀٽو زرداري ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي لکيو ته پهريون ڀيرو ڇوڪرين کي ايڇ پي وي وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائڻ جي قومي مهم شروع ڪري رهيا آهيون، سروائيڪل ڪينسر اهو واحد ڪينسر آهي، جنهن کان بچاءُ ويڪسين ذريعي ممڪن آهي.
هن والدين کي اپيل ڪئي ته اهي 9 کان 14 سالن تائين جي ڌيئرن کي ويڪسين ضرور لڳرائين، اچو ته گڏجي پنهنجي ڌيئرن لاءِ هڪ صحتمند مستقبل يقيني بڻايون.
You might also like