پنجاب ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو الرٽ جاري، جلال پور پيروالا ۾ صورتحال خراب، فوج طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان پاڪستان کي ٻوڏ بابت نئين ڄاڻ فراهم ڪرڻ کانپوءِ پنجاب ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جلال پور ۽ پيروالا ۾ ٻوڏ سبب صورتحال خراب ٿيڻ کانپوءِ پاڪ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي.
پي ڊي ايم اي پنجاب موجب ڀارتي هاءِ ڪميشن پاڪستان کي ٻوڏ صورتحال تي ڄاڻ فراهم ڪئي آهي، جنهن موجب ستلج درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي، ستلج درياهه ۾ هريڪي ڊائون اسٽريم ۽ فيروز پور ڊائون اسٽريم ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي.
پي ڊي ايم اي پنجاب هريڪي ڊائون اسٽريم ۽ فيروز پور ڊائون اسٽريم ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪندي مقامي انتظاميا کي شهرين جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هوڏانهن ملتان جي شير شاهه فلڊ بند جي اندر موجود ڪيترين ئي وسندين ۾ پاڻي بيهڻ سبب گهر ڪرڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته برسات سبب ٻوڏ متاثرن جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
سي پي او ملتان صادق علي موجب جلال پور پيروالا ۾ صورتحال خراب ٿيڻ سبب پاڪ فوج کان مدد طلب ڪئي وئي آهي، ريسڪيو آپريشن ۾ پاڪ فوج جون 14 ٻيڙيون حصو وٺي رهيون آهن، ريسڪيو 1122 جون 8 ٻيڙيون، جڏهن ته پوليس 5 پرائيويٽ ٻيڙيون به آپريشن ۾ شامل ڪيون آهن، مجموعي طور تي 27 ٻيڙيون متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.