واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته لڳي ٿو ته ڀارت ۽ روس هن هفتي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات کان پوءِ چين جي طرف هليا ويا آهن.
ٽرمپ سوشل ميڊيا تي ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن جي تصوير شيئر ڪئي ۽ پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” لڳي ٿو اسان ڀارت ۽ روس کي چين جي سڀ کان گهاٽي ۽ اونداهين دائري ۾ وڃائي ڇڏيو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” اميد آهي ته هو گڏجي ڊگهو ۽ خوشحال مستقبل گذارين!.“
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ٽرمپ جي بيان تي ڀارتي پرڏيهي وزارت پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته ” ان حوالي سان ڪنهن به قسم جو تبصرو نه ڪيو ويندو“
ان کانسواءِ چيني پرڏيهي وزارت به ڪو ردعمل ناهي ڏنو، جڏهن ته ڪريملن جا نمائندا به تبصري کان لنوائي ويا.
ياد رهي ته چين جي شهر تيانجن ۾ شي جن پنگ شنگھائي سهڪار تنظيم (ايس سِي او) جي اجلاس جي ميزباني ڪئي، جنهن ۾ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به شريڪ ٿيا.
اجلاس دوران پيوٽن ۽ مودي کي هٿ ۾ هٿ ڏئي چيني صدر ڏانهن وڌندي ڏٺو ويو، جنهن کان پوءِ ٽيئي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا رهيا.
You might also like