آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون تصويرون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن، ڪجهه واهپيدارن ته اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو ته ٽرمپ گذاري ويو آهي.
اهي افواهه ان وقت شروع ٿيا، جڏهن ٽرمپ گذريل هفتي سرڪاري تقريبن ۽ ميڊيا بريفگنز ۾ شريڪ نه ٿيو.
رڳو جمعي کان هيل تائين “Trump dead” جي هيش ٽيگ تحت هڪ لک 4 هزار کان وڌيڪ پوسٽون ڪيون ويون، جن کي 3 ڪروڙ 53 لک ويوز مليا.
والٽر رڊ ميڊيڪل سينٽر ڀرسان روڊ جي بندش جي ڪوڙي خبر پکيڙي وئي ته جيئن اهو ظاهر ٿي سگهي ته ٽرمپ علاج هيٺ آهي، توڙي جو ڪو روڊ بند نه ٿيو هو.
وائيٽ هائوس ٻاهران ايمبولينس جي تصوير شيئر ڪئي وئي ۽ دعويٰ ڪئي وئي ته اها ٽرمپ جي طبي ايمرجنسي وقت ورتل آهي پر حقيقت ۾ اها اپريل 2023 جي پراڻي تصوير هئي، تڏهن جو بائيڊن صدر هو.
ڪجهه واهپيدارن وائيٽ هائوس جي اڌ جهڪيل پرچم جي تصوير شيئر ڪندي چيو ته اها ٽرمپ جي موت جي علامت آهي پر اهو پرچم منيپولس اسڪول شوٽنگ جي متاثرن جي ياد ۾ جهڪايو ويو هو.
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا ايپ ٽرٿ سوشل تي چيو ته ”مان پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ايترو بهتر محسوس ناهي ڪيو“.
پوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ به هن اهڙين خبرن کي فيڪ نيوز قرار ڏيندي رد ڪيو.
You might also like