اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان کي ستلج درياهه ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ کان آگاهه ڪري ڇڏيو.
آبي وسيلن واري وزارت موجب پاڪستان ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن آبي وسيلن واري وزارت کي ستلج ۾ ٻوڏ جي حوالي سان آگاهه ڪيو.
آبي وسيلن واري وزارت ٻڌايو ته لاڳاپيل ادارن ۽ صوبائي حڪومتن کي ٻوڏ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن پي ڊي ايم اي پنجاب ۾ اوچي درجي جي ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي ۽ 9 ضلعن ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.
پي ڊي ايم اي موجب ٻوڏ سبب 9 ضلعا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جن ۾ قصور، اوڪاڙا، بهاولنگر، وهاڙي، لوڌران، بهاولپور، ملتان ۽ مظفر ڳڙهه شامل آهن.
پي ڊي ايم اي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل ضلعن جا ڊي سي امڪاني ٻوڏ کي ڏسندي فوري طور قدم کڻن.
You might also like