ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي منظور ڪالوني ۾ ڀيڻ تي تيزاب سان حملو ڪندڙ جوابدار محمد رمضان کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.
عورت تي تيزاب هارڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت جوابدار محمد رمضان کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
عدالت جوابدار کي پنهنجي متاثر ڀيڻ کي 50 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، گڏوگڏ ٻن ڀاڻيجن کي زخمي ڪرڻ تي محمد رمضان کي 4-4 سال قيد ۽ 4 لک رپيا ڏنڊ جو به حڪم ڏنو.
واضح رهي ته جوابدار محمد رمضان 2022 ۾ ڀيڻ تي تيزاب سان حملو ڪيو هو ۽ ڀاڻيجن کي ڇريءَ سان زخمي ڪيو هو، جوابدار ڀيڻ تي ان ڪري حملو ڪيو، ڇو ته هن وراثتي ملڪيت مان پنهنجي حصي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
You might also like