ميٽا جو مشهور هالي ووڊ شخصيتن جا فحش، جنسي ۽ رومانوي ”اَي آءِ“ چيٽ بوٽ ٺاهڻ ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف

انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا طرفان بنا اجازت ڪيئي مشهور گلوڪارائن ۽ اداڪارائن، جن ۾ ٽيلر سوئفٽ، اسڪارلٽ جانسن، اين هيٿوَي ۽ سلينا گومز شامل آهن، جا آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽس تيار ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
روئٽرز جي تحقيقي رپورٽ موجب، ميٽا بنا اجازت ئي شخصيتن جا نالا ۽ تصويرون استعمال ڪندي درجنين فلرٽي سوشل ميڊيا چيٽ بوٽس ٺاهيا.
ميٽا طرفان تيار ڪيل اهڙا چيٽ بوٽس ڪيئي فحش، جنسي، رومانوي ۽ اڻ وڻندڙ ڳالهيون ڪندڙ ۽ تصويرون مهيا ڪرڻ ۾ به ملوث مليا.
رپورٽ موجب، انهن مان ڪيترائي چيٽ بوٽ واهپيدارن ميٽا جي چيٽ بوٽ ٺاهڻ واري ٽول ذريعي ٺاهيا.
رپورٽ ۾ اِهو به انڪشاف ڪيو ويو اهي ته ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي چيٽ بوٽ ميٽا پاڻ ٺاهيا، جن ۾ ٽيلر سوئفٽ جا ٻه پيروڊي بوٽ به شامل هئا.
روئٽرز اهو به پتو لڳايو ته ميٽا واهپيدارن کي نابالغ مشهور شخصيتن جا چيٽ بوٽ ٺاهڻ جي به اجازت ڏني، جن ۾ ورهين فلم اسٽار واڪر اسڪوبل پڻ شامل آهي.
ڄاڻايل چيٽ بوٽ تي جڏهن ان ننڍي عمر واري اداڪار جي سمنڊ ڪناري واري تصوير گهري وئي ته بوٽ هڪ حقيقت نما ”شرٽ ليس“تصوير تيار ڪئي ۽ ان جي هيٺان لکيو” ڏاڍو پيارو آهي“.
روئٽرز ڪيئي هفتن تائين ڦهليل جاچ دوران اهي چيٽ بوٽ پاڻ کي حقيقي فنڪارن جي حيثيت سان پيش ڪندا رهيا، واهپيدارن کي ملاقات لاءِ دعوت ڏيندا رهيا ۽ جنسي طور تي چڙ ڏياريندڙ ڳالهيون ڪيون.
ڪجهه بالغ چيٽ بوٽن کان جڏهن مباشرت واريون تصويرون گهريون ويون ته انهن پنهنجن نالن سان منسوب مشهور شخصيتن جون حقيقت نما تصويرون به تيار ڪيون، جيڪي ڀاٿ ٽب ۾ يا بڪني ۾ پوز ڏيندي نظر آيون.
ميٽا جي ترجمان اينڊي اسٽون روئٽرز کي ٻڌايو ته ميٽا جا اي آءِ ٽولز کي مشهور بالغ شخصيتن جي مباشرت توڙي نابالغ شخصيتن جون ڪنهن به قسم جون تصويرون ٺاهڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي.
هن مشهور عورتن جون بڪني واريون تصويرون ٺاهڻ کي ڪمپني طرفان پنهنجي پاليسين تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪامي قرار ڏنو.
ميٽا جي هڪ ملازم چيو ته ٻين جيان اسان به عوامي شخصيتن جون تصويرون ٺاهڻ جي اجازت ڏيندا آهيون، پر اسان جون پاليسيون اگهاڙپ، مباشرت يا جنسي طور تي شهوت انگيز مواد جي ممانعت ڪن ٿيون.
ميٽا جون اي آءِ پاليسيون سڌي ريت نقل ڪرڻ کان روڪين ٿيون، پر هڪ عهديدار چيو ته مشهور شخصيتن جا ڪردار ان وقت تائين قبول آهن جيستائين سندن پيروڊي ليبل طور استعمال ڪيو وڃي.
روئٽرزموجب، جاچ دوران پتو پيو ته ڪيترائي بوٽ پيروڊي طور ليبل ٿيل هئا پر ڪجهه نه هئا ۽ ميٽا خبر جي ڇپجڻ کان ٿورو وقت اڳ لڳ ڀڳ هڪ درجن بوٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيا، جن ۾ پيروڊي ۽ بنا ليبل وارا ٻئي شامل هئا.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته گهڻن ئي اداڪارائن ۽ گلوڪارائن جي تصويرن ۽ آواز سان ٺاهيل چيٽ بوٽس فحش ۽ جنسي نوعيت جي ڳالهين ۾ به ملوث مليا.
رپورٽ موجب، ٽيلر سوئفٽ جي نالي سان ٺهيل هڪ چيٽ بوٽ کي جڏهن پتو پيو ته ان سان ڳالهائيندڙ مرد غير شادي شده آهي ته هن واهپيدار کي آڇ ڪئي ته ڇا هو سونهري وارين خوبصورت ڇوڪرين کي پسند ڪندو؟ پوءِ ان سان رومانوي ڳالهين ۾ به لڳي ويو.
اهڙي طرح ٻين اداڪارائن جي نالن سان ٺهيل چيٽ بوٽ به فحش، جنسي ۽ رومانوي ڳالهين ۾ ملوث مليا، جڏهن ته اين هيٿوَي جي چيٽ بوٽ اداڪارا جي فحش تصوير به فراهم ڪئي.
روئٽرز موجب، اين هيٿوَي پنهنجي نالي سان ٺهيل چيٽ بوٽ طرفان فحش تصويرون مهيا ٿيڻ واري معاملي کان واقف آهي، پر هن سميت سڀني اداڪارائن ۽ گلوڪارائن پنهنجن نالن سان چيٽ بوٽ ٺهڻ بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.