ماضي جي جڳ مشهور آمريڪي ٽي وي سيريز ”گيم آف ٿرونز“ جي اداڪارا صوفي ٽرنر ڪيترن ئي سالن بعد پنهنجي ڪردار تي فلمبند ٿيل جنسي منظرن جو دفاع ڪندي انهن کي ڊرامي جي ضرورت قرار ڏئي ڇڏيو.
29 ورهين جي اداڪارا تازو ئي هڪ ميگزين سان گفتگو ۾ ”گم آف ٿرونز“ جي منظرن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
صوفي ٽرنر سڄي سيريز ۾ ”سانسا اسٽارڪ“ جو ڪردار نڀايو، جيڪا ننڍپڻ کان جواني ڏانهن وڌي ٿي.
اداڪارا تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جيئن جيئن عمر وڌندي وئي، تيئن تيئن کيس گيم آف ٿرونز جي ڪهاڻي به گهرائي سان سمجهه ۾ ايندي وئي، هن 12 ورهين جي عمر ۾ ان سيريز لاءِ آڊيشـن ڏنو ۽ 23 ورهين تائين ان ۾ ڪم ڪندي رهي.
هن سيريز جي ٻئي سيزن ۾ پنهنجي ڪردار سان ٿيندڙ ريپ جي ڪوشش واري منظر بابت ڳالهائيندي چيو ته ان وقت هوءَ ان کي مڪمل طور نه سمجهي سگهي هئي، ڇو ته سندس عمر گهڻي ننڍي هئي، ٻئي سيزن ۾ هوءَ ريپ جي منظر کي پنهنجي ننڍڙي دماغ سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
صوفي ٽرنر ساڳي سيريز جي پنجين سيزن جي هڪ قسط ۾ پنهنجي ڪردار سان مڙس طرفان ٿيل پرتشدد جنسي منظرن بابت به ڳالهايو ۽ چيو ته ان وقت تائين سندس عمر اهڙي ٿي وئي هئي جو هوءَ ڪهاڻي کي بهتر نموني سمجهي پئي سگهي.
هن تسليم ڪيو ته سندس ڪردار سان ٿيل جنسي تشدد وارا منظر بحث جو سبب بڻيا، جتي ماڻهن ڪهاڻي ۽ سيريز جي مخالفت ڪئي پر گهڻن ان جي تعريف به ڪئي.
گيم آف ٿرونز جي پنجين سيزن جي هڪ قسط ۾ صوفي ٽرنر جي ڪردار جي شادي ٿي وڃي ٿي ۽ مڙس کيس جنسي تشدد جو نشانو بڻائي ٿو، انهن منظرن تي تمام گهڻو بحث ٿيو هو.
اداڪارا پنهنجي ڪردار سان ٿيل جنسي تشدد جي منظرن جو دفاع ڪندي چيو ته سندس خيال ۾ اهڙا منظر ڏيکارڻ ڏکيا ٿي سگهن ٿا پر گيم آف ٿرونز انهن ظلمن کي درست نموني اجاڳر ڪيو، جيڪي عورتون صديون کان برداشت ڪندي آيون آهن.
You might also like