ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ قانون ۽ سيڪيورٽي جون سموريون دعوائون ان وقت ڌوڙ ٿي ويون جڏهن ڦورن پوليس ايس ايس پي ۽ صوبائي حڪومت جي ترجمان جي گهران ڦرلٽ ڪئي.
جنهن شهر ۾ قانون جا رکوالا ۽ حڪومت جا ترجمان ئي غير محفوظ هجن ته اتي عام شهري ڪنهن تي اعتماد ڪن؟
روشنين جي شهر ڪراچي ۾ ڏوهن جون راتيون ڏينهون ڏينهن ڊگهيون ۽ ڀواتيون ٿينديون پيون وڃن، صورتحال ايتري قدر سنگين ٿي چڪي آهي ته جو هاڻ اهي گهر به ڦورن جي نشان تي آهن، جتي قانون جا فيصلا ۽ حڪومتي پاليسيون طئي ٿينديون آهن.
حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته سنڌ پوليس جي ايس ايس پي توحيد الرحمان ۽ صوبائي حڪومت جي ترجمان عقربا فاطما جو گهر به ڦورن جي رحم ڪرم تي نڪري آيو.
ائين شهري حلقن ۾ اهو سوال شدت سان گونجڻ لڳو آهي ته جڏهن قانون جا محافظ ئي غير محفوظ آهن ته عوام ڪاڏي وڃي؟
ڊفينس فيز 5 خيابان مجاهد ۾ 5 هٿياربند اڇي فورچيونر ۾ سوار ٿي ايس ايس پي توحيد الرحمان جي گهر داخل ٿيا، ڀاتين کي يرغمال بڻائي 90 لک رپيا ماليت جا آمريڪي ڊالر، 10 لک رپيا پاڪستاني ڪرنسي، هڪ ڪروڙ ڏهه لک ماليت جا سونا زيور ۽ هڪ قيمتي موبائل فون ڦري ويا.
ذريعن موجب واردات وقت ايس ايس پي به گهر ۾ موجود هو، جڏهن ته گهر ۾ مقرر گن مين پنهنجي سرڪاري رائفل ويهاڻي هيٺان رکي ڪمري ۾ سُتل هو.
واقعي جو ڪيس ايف آءِ آر نمبر 2025/662 گن مين جي فرياد تي درخشان ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين طرفان جاچ جون دعوائون ته ڪيون پيون وڃن اڃا تائين ڪنهن قسم جي گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.
ان واردات کانپوءِ شهرين جو چوڻ آهي ته اهو واقعو ڪراچي ۾ سيڪيورٽي جي سڀني دعوائن کي رد ڪري ٿو، جيڪڏهن پوليس آفيسر ۽ حڪومتي ترجمان جو گهر ئي محفوظ نه هوندو ته عام شهري پنهنجي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيئن ڪندا؟
امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ جو تاثر ڏنو آهي، عوامي سوال اهو آهي ته ڇا واقعي ڪراچي کي ڦورن حوالي ڪيو ويو آهي؟
سنڌ حڪومت جي ترجمان عقربه فاطمه ۽ ايس ايس پي توحيد الرحمان جي گهران ڪروڙن جو ڌاڙو
Next Post
You might also like