ڪراچي ۾ مئي کان هيل تائين ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب 6 ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مئي کان آگسٽ دوران ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.
اختيارين موجب فوتين مان 3 ڄڻا جناح ۽ 3 ڪورنگي جي ٽرسٽ اسپتال ۾ علاج هيٺ هئا.
اختيارين ٻڌايو ته سنڌ ۾ هلندڙ سال ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب فوتين جو انگ 14 ٿي ويو آهي، جن مان 8 جناح اسپتال ۽ 6 ڪورنگي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويا.
اختيارين موجب هلندڙ سال هيل تائين ڪتن جي چڪڻ جا 22 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.