ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا جا ٽي وزير يونيورسٽين جا پرو چانسلر مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن جو يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب قانون ۽ پارلياماني معاملن وارو وزير ضياءُ الحسن لنجار لا يونيورسٽيز جو پرو چانسلر هوندو، تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه جنرل يونيورسٽي جو پرو چانسلر هوندو، جڏهن ته آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو انجنيئرنگ يونيورسٽين جو پرو چانسلر هوندو.
You might also like