سنڌ حڪومت طرفان مفت اليڪٽرڪ بائيڪس، اهليت ۽ درخواست ڏيڻ جو طريقو ڄاڻيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ 10 هزار مفت اليڪٽرڪ بائيڪس جي منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي.
شروعاتي طور صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي 10 هزار مفت اليڪٽرڪ بائيڪس ڏنيون وينديون، جنهن لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ موجب اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو فيصلو ڪڻن ذريعي ٿيندو، 20 کان 45 سالن تائين عمر واريون صنعتي مزدور عورتون ان اسڪيم لاءِ اهل هونديون، جڏهن ته اسڪيم لاءِ 20 سيڪڙو اقليتي ڪوٽا به رکي وئي آهي.
اليڪٽرڪ بائيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ويب سائيٽ تي جمع ڪرائي سگهجي ٿي.
اهليت جو معيار
رجسٽرڊ صنعت ۾ ڪم ڪرڻ
عمر جي حد 20 کان 45 سال
20 سيڪڙو اقليتي ڪوٽا مختص
چونڊ لاءِ ڊجيٽل قرعه اندازي
7 سال بائيڪ پاڻ وٽ رکڻ لازمي
ڊرائيونگ لائسنس لاءِ 60 ڏينهن جي مهلت

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.